ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪ فوج سرحد پار کان دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو،7دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان ۾ سرحد پار دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، پاڪستاني چوڪي تي حملو ڪندڙ 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ سرحد پار کان سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو. آءِ ايس پي آر  دهشتگردن خلاف جوابي ڪارروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 دهشتگرد زخمي ٿي پيا. سرحد پار کان دهشتگردن پاران حملا ڪرڻ معمول بڻيل آي، جنهن خلاف سيڪيورٽي فورسز پاران منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *