Tuesday , April 1 2025
Breaking News

کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ مائينگ، سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

کيرٿر نيشنل پارڪ ۽ کيرٿر جي جابلو پٽي جي تحفظ لاءِ پهرين ڪامياب وِک، کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ مائينگ، سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي عيد کانپوءِ ٿيندي

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) نيشنل کير ٿر پارڪ ۽ کيرٿر جي جابلو پٽيءَ جي تحفظ لاءِ پهرين وک ڪامياب، سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي، سنڌ حڪومت سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري، ٻڌڻي عيد کانپوءِ ٿيندي. کير ٿر نيشنل پارڪ جي جابلو پٽي ۾ مائننگ، مختلف هنڌن تان ريتي بجري ۽ پٿر ڪڍڻ خلاف انوائرمينٽ جي تحفظ لاءِ جاکوڙيندڙحفيظ بلوچ پاران داخل ڪيل پٽيشن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آغا فيصل ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي مشتمل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذارن پاران ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو، عبيرا اشفاق، ڪاظم حسين مهيسر، معين مگسي پيش ٿيا.ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو پٽيشن بابت عدالت کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته کير ٿرنيشنل پارڪ قومي اثاثو آهي، ان جي اندر لکن جي تعداد ۾ جهنگيل جيوت، قيمتي وڻ، ٻوٽا موجود آهن، جانورن جا ڪيترا ئي اڻلڀ ۽ ناياب نسل پڻ موجود آهن. هن عدالت کي ٻڌايو ته، عدالتي منع نامي باوجود کيرٿر نيشنل پارڪ جي حدن اندر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ مائينگ ڪري پٿر، ريتي ۽ بجري ڪڍي پئي وڃي، نه رڳو اهو پر قيمتي ۽ قديمي وڻن جي به واڍي ڪئي پئي وڃي، جيڪي وڻ موجود آهن اوهي  مائيننگ سبب تباهه ٿي رهيا آهن، کيرٿر نيشنل پارڪ اندر مائيننگ سبب نه رڳو جهنگلي جيوت ۽ وڻ ٻوٽا تباهه ٿي رهيا آهن پر مجموعي طور علائقي جي  آبهوا تي به تمام گهڻا منفي اثر پئجي رهيا آهن، جيڪي نه رڳو کيرٿر نيشنل پارڪ پر سموري کيرٿر رينج جي لاءِ  انتهائي هاڃيڪار آهن. نکير ٿر نيشنل پارڪ ۾ تعميراتي ڪم به ڪيا پيا وڃن جن ۾ ڪيتريون ئي هائوسنگ اسڪيمون به شامل آهن.

عدالت درخواستگذارن جو موقف ٻڌڻ بعد پٽيشن ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي  سنڌ حڪومت ۽ ان جي لاڳايل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي جي موقعي تي ابيرا اشفاق، حفيظ بلوچ ۽ٻيا پڻ عدالت ۾ موجود هئا.

ارسا پنهنجي ئي موقف تان ڦِري وئي، پاڻي جي خطرناڪ حد تائين کوٽ جو اعتراف

 

About admin

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *