Tuesday , April 22 2025

ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ حڪومت وفاق کي هر قسم جي احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

ڪئنالن وارو معاملو هٿن مان نڪري ويو ته اسان به هر قسم جو احتجاج ڪنداسين، ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ حڪومت جو وفاق کي هر قسم جي احتجاج جو چتاءُ

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ڪئنالن واري معاملي تي وفاقي حڪومت کي هر قسم جي احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪئنال تي احتجاج جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم کي نتيجن جي خبر آهي، کيس انصاف سان ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪئنالن جو معاملو اسان جي هٿن مان نڪري ويو ته هر قسم جي احتجاج جو سڏ ڏينداسين. ڪراچي ۾ ڪارڊينل جي گهر وڃڻ ۽ پوپ جان فرانسس سان ڪارڊينل جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت کي خبر آهي ته ڪئنالن واري معاملي تي سموري سنڌ ۾ احتجاج هلي رهيو آهي، وڏي وزير دعويٰ ڪندي چيو ته گذريل سال جولاءِ کانپوءِ چولستان ڪئنال تي ڪو به ڪم ناهي ٿيو، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت اهم قدم کنيا، پيپلز پارٽي هر سطح تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. مراد علي شاهه چيو ته وڪيلن ۽ سندن احتجاج لاءِ عزت احترام آهي. انهن جمهوريت جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، مان سنڌ جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي چوان ٿو ته واهن جي معاملي تي احتجاج ڪن پر روڊ بلاڪ نه ڪيا وڃن ته جيئن اسان جي پنهنجي عوام کي تڪليف نه ٿئي. اسان احتجاجن سبب ٿڪجي ناهيون پيا،  پر هر ڪنهن کي پاڻ سوچڻ گهرجي ته ڇا اسان لاءِ پنهنجي ئي ماڻهن کي پريشان ڪرڻ مناسب آهي، اسان چاهيون ٿا ته هن مسئلي تي سڀ متحد ٿي وڃون، روڊ جي هڪ پاسي بيهي به احتجاج ڪري سگهجي ٿو، اسان ڪئنال خلاف احتجاج تي ڪو به ايڪشن نه ورتو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي پهريون ڀيرو ڪئنالن جي اڏاوت واري معاملي تي لاڳاپيل آئيني فورمن تي احتجاج ڪيو، ان کانپوءِ قومپرست ۽ ٻيون سياسي پارٽيون ميدان ۾ آيون، اسان اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي۾ اٿاريو.

پيپلزپارٽي جو25 اپريل وارو جلسو خطري ۾، پيپلزپارٽي پريشان

About admin

Check Also

سنڌو شينهن شير درياءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي: ذوالفقار ڀٽو جونيئر

 سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف هر جدوجهد ۾ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *