سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کان مسلسل انڪار ڪندڙ پيپلزپارٽي نيٺ ان منصوبي تي ڪم ٿيڻ جو اقرار ڪندي سنڌي اسيمبليءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم سميت ايوان ۾ موجود پارلياماني پارٽين جي حمات سان يڪراءِ ٺهراءُ منظور.
ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کان مسلسل انڪار ڪندڙ پيپلزپآرٽي نيٺ ان منصوبي تي ڪم ٿيڻ جو اقرار ڪندي سنڌي اسيمبليءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم سميت ايوان ۾ موجود پارلياماني پارٽين جي حمات سان يڪراءِ ٺهراءُ منظور.
سنڌ اسيمبلي سنڌو درياهه تي چولستان سميت6ڪئنال اڏڻ واري تڪراري رٿا کي آئين ۽ پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، يڪراءِ ٺهراءُ منظور، سنڌو تي چولستان ڪئنال سميت سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي هلندڙ ڪم ۽ ٻيون سرگرميون فوري رد ڪرڻ جو مطالبو، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران پيش ڪيل ٺهراءُ ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه ڪئنالن واري منصوبي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو ايوان منظور ڪيو. وڏي وزير اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته اهڙا تڪراري منصوبا نه آڻيو جيڪي ڪالاباغ ڊيم جيان ٺهي نه سگهن، اهڙا منصوبا صوبن وچ ۾ ويڇا وڌائين پيا، صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو آهيان، بندوق يا پٿر کڻي روڊ تي نه نڪرندس، سنڌ جو ڪيس آئيني طريقي سان وڙهندس، معاملو سي سي آءِ ۾ حل نه ٿيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کڻي وينداسين، هن ملڪ ۾ ڪو به آئين ۽ قانون کي بلڊوز ڪري ڪئنال ٺاهي نٿو سگهي، ڪئنالن جي منظوري بابت اوهان کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، صدر ڪنهن به رٿا جي منظوري نٿو ڏئي سگهي، صدر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾به ڪئنالن واري منصوبي جي مخالفت ڪئي آهي.
ٺهراءُ منظور ٿيڻ کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب چيو ته سنڌو درياءَ تي چولستان سميت ٺهندڙ6ڪئنالن وارو منصوبي تي هلندڙ ڪم ۽ ٻيون سموريون سرگرميون فوري ختم ڪيون وڃن، اهڙا تڪراري منصوبا نه آڻيو جيڪي ڪالاباغ ڊيم جيان ٺهي نه سگهن ۽ صوبن وچ ۾ ويڇا وڌائين. وڏي وزير جو چوڻ هو ته هُو صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي، ڪئنالن خلاف بندوق يا پٿر کڻي روڊ تي نه نڪرندس، سنڌ جو ڪيس آئيني طريقي سان لاڳاپيل فورمن تي وڙهندس، معاملو سي سي آءِ ۾ حل نه ٿيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کڻي وينداسين. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو ته هن ملڪ ۾ ڪو به آئين ۽ قانون کي بلڊوز ڪري ڪئنال ٺاهي نٿو سگهي، ڪئنالن جي منظوري بابت اوهان کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، صدر آصف علي زرداري ڪنهن به رٿا جي منظوري نٿو ڏئي سگهي، صدر مملڪت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ به ڪئنالن واري منصوبي جي مخالفت ڪئي آهي. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هي پنجاب جي بنجر زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ چاهين ٿا،1991واري ٺاهه ۾ پاڻي ورڇ جي ضمانت ڏنل آهي، سنڌو درياءَ تي سنڌ جي مرضيءَ کانسواءِ ڪو به ڪئنال نه ٿو ٺهي سگهي. وڏي وزير چيو ته1945 ۾ سنڌ ۽ پنجاب پاڻي معاهدو ڪيو ته پنجاب جي ڪئنالن جو سنڌو جي پاڻي تي ڪو حق نه هوندو، سمورن درياهن جو پاڻي سنڌو ۾ داخل ٿئي ٿو، ان پاڻي تي پهريون حق اتان جي رهواسين جو هوندو آهي،درياهن جي مالڪن جي مرضي کان سواءِ ڪو ڦڙو به پاڻي نٿو کڻي سگهي.
ڪئنالن واري منصوبي خلاف وڏي وزير مراد علي شاهه پاران پيش ڪيل ٺهراءَ جي تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي سميت سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي ٻين جماعتن حمايت ڪئي، سمورين پارلياماني پارٽين سنڌو درياءَ مان 6نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ، ايم پي اي سجاد سومرو چيو ته اسان بنا تنقيد جي ڪينالن جا مخالف ۽ ٺهراءَ جي حمايت ڪيون ٿا، سنڌ حڪومت ٻڌائي ته هي ٺهراءُ ايڏو دير سان ڇو آندو ويو؟، ايم ڪيو ايم جي افتخار عارف چيو ته ملڪ جي ڀلائي جي هر فيصلي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڪينالن جي معاملي تي سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، جماعت اسلامي جي محمد فاروق ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته ڪينال جو مسئلو سياسي ناهي، احتجاج ماڻهن جو حق آهي.