Monday , March 31 2025
Breaking News

ڪئنالن خلاف پ پ احتجاج ڪيو،اوهان گهڻ تي ڪيس داخل ڪيو؟: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ايس ايس پي ڄامشورو تي ڪاوڙ جو اظهار

حيدرآباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪئنالن خلاف ڪالهه ( 25 مارچ تي ) پيپلزپارٽي احتجاج ڪيو، روڊن تي به هيا، اوهان گهڻن ماڻهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪيون؟، ڇا ڪئنالن خلاف سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو احتجاج دهشتگردي آهي؟، تعليم پرائيندڙ شاگردن کي دهشتگرد قرار ڏئي اوهان هٿ سان باغي بڻائي رهيا آهيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ايس ايس پي ڄامشورو کان پوليس  کان پڇاڻو۽ ڪاوڙ جو اظهار.

ڪئنالن ۽ سنڌ جي زمينن جي وڪري  خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ هاءِ۾ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت ايس ايس پي ڄامشورو تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته، ڪئنالن خلاف ته ڪالهه (25 مارچ اڱاري ڏينهن) پيپلزپارٽي احتجاج ڪيو، اهي روڊن تي به هئا، اوهان گهڻن ماڻهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي؟، ڇا ڪئنالن خلاف سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو احتجاج دهشتگردي آهي؟، اوهان ته تعليم پرائيندڙ شاگردن کي دهشتگرد قرار ڏئي هٿ سان باغي بڻائي رهيا آهيو. عدالت ايس ايس پي ڄامشورو تي ڪاوڙ جو اظها ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم، ڏنو. عدالت چيو ته پهريان پوليس شاگردن تي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي، جنهن بعد شاگردن جو رد عمل آيو، اصل دهشتگرد آزاد گهمي رهيا آهن، اوهان شاگردن کي دهشتگرد قرار ڏئي باغي بڻائي رهيا آهيو، پوليس جن شاگردن تي دهشتگردي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ڇا واقعي اهي دهشتگرد آهن؟.

ارسا پنهنجي ئي موقف تان ڦِري وئي، پاڻي جي خطرناڪ حد تائين کوٽ جو اعتراف

About admin

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *