Saturday , April 12 2025

ڪئنالن خلا ف جدوجهد ڪندڙ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر وڙائچ تي حملو

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ جي قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌرين سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي تحريڪ ۾ شامل ڪراچي بار ايسوسئيشن جي صدر عامر وڙائچ هٿياربندن جو حملو، ڪراچي جي مصروف شاهراهه آءِ آءِ چندريگر روڊ ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ عامر وڙائچ سخت زخمي، سول اسپتال داخل، عامر وڙائچ تي حملي جو ٻڌي سوين وڪيل سول اسپتال پهچي ويا. ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر وڙائچ زخمي حالت ۾ جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ڪئنالن خلاف جدوجهد ڪرڻ ۽ ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران ڀرپور شرڪت ڪرڻ تي پهرين ڏينهن کان ڌمڪيون ملنديون رهيون آهن، عامر وڙائچ جو چوڻ آهي ته اڄ مٿس ڇهه هٿياربندن حملو ڪيو آهي، ڪئنالن خلاف احتجاج تان پوئتي نه هٽنداسين، هن چيو ته پاڻ تي ٿيل حملي جو ڪيس داخل نه ڪندس، پر ڪئنالن خلاف ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو احتجاج جاري رهندو هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، هنن کي ڪئنالن وارو منصوبو ختم ڪرڻو پوندو، ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ وڊيو بيان ۾ ڪئنالن جو منصوبو 72 ڪلاڪن اندر ختم جو مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪئنالن جو منصوبو 72 ڪلاڪن اندر ختم نه ٿيو ته بارڊر ۽ ريلوي ٽريڪ به بند ڪنداسين، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي چيو آهي ته عامر نواز وڙائچ تي هٿياربندن آءِ آءِ چندريگر روڊ ويجهو حملو ڪيو، کيس سول اسپتال داخل ڪيو آهي، جتي سندس علاج هلندڙ آهي. اسان ڪئنالن خلاف کُليل نموني ڳالهايون ۽ احتجاج ڪيون ٿا ۽ اسان جي اڳواڻ تي لِڪي حملو ڪيو ويو آهي، جيڪو برداشت نه ٿيو ڪري سگهجي.

About admin

Check Also

سنڌوءَ تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تحريڪ ۾ ڏينهون ڏينهن تيز، سنڌ سراپا احتجاج

سنڌو درياءَ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زمينن تي والار خلاف سنڌ ۾ ڪيترن ئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *