رتو ديرو / لاڙڪاڻو (خاص نمائندو/رپورٽر سنڌسماءَچار) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي والار خلاف 20هين اپريل تي سموري سنڌ ۾ عام هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو، 27 اپريل تي به وڏو فيصلو ڪرڻ جو جو اعلان. جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي 13 هين ورسيءَ جي موقعي تي رتوديرو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته، سنڌو درياءُ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي جياپي جو ذريعو آهي، وفاقي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ چاهين ٿا، صنعان خان قريشي اعلان ڪڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي والار خلاف 20 اپريل تي سموري سنڌ ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي. هن سنڌ جي سمورين سياسي، مذهبي، ادبي تنظيمن ۽ هر مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ڌرين کي اپيل ڪئي ته 20 اپريل واري عام هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ ۾ سندن ساٿ ڏين. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته جيڪڏهن 20 هين اپريل واري عام هڙتال کانپوءِ به حڪمران ضد تان نه لٿا ته 27هين اپريل تي سائين جي ايم سيد جي ورسي تي سن ۾ اهم اعلان ڪنداسين.
شهيد بشير خان قريشي جي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌو درياءُ رڳو زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي جو ذريعو نه پر سنڌو هڪ تهذيب آهي، سنڌ ۽ سنڌي قوم جو فيصلو آهي ته سنڌوءَ مان ڪو به ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين، سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ پاڻي تي ڌاڙو قبول ناهي، مذهبي طور، عالمي قانون ۽ انساني حقن مطابق سنڌو درياءَ تي پهريون حق سنڌ جو آهي. هن چيو ته اڄ سنڌ جي ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي جي 13 هين ورسي آهي، جنهن سنڌ جي عاشق سڄي عمر سنڌ ڌرتي لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري، سنڌو درياءَ جي پاڻي لاءِ شهيد بشير خان قريشي تاريخي جدوجهد ڪئي. هن چيو ته شهيد بشير خان قريشي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف به تاريخي جدوجهد ڪئي، هن ٺٽي ضلعي ۾ سمنڊ جي ساحلي ڪناري تي ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ غير قانوني طور تي ٺهندڙ ذوالفقار آباد جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ٺٽي سميت سڄي سنڌ ۾ ذوالفقار آباد رٿا خلاف احتجاج ڪيو ۽ ٺٽي جي مقامي هزارين ماڻهن جي زمينن جي کاتن کي بحال ڪرايو ۽ غير قانوني ذوالفقار آباد رٿا کي روڪڻ ۾ ڪامياب ويو.