Sunday , March 9 2025

”ڪئنال ڪڍڻ لاءِ سي سي آءِ جي منظوري ۽ سنڌ حڪومت جو راضپو”، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ حڪومت خاموش

واپڊا چيئرمين جي موقف تي، پيپلزپارٽي خاص طور بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير مراد علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمانن چُپ جو روزو رکي ڇڏيو آهي، ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود ڪا به وضاحت نه ڏيئي سگهيا.

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جي منصوبي تي ڪم شرع ڪرڻ واري واپڊا چيئرمين جي بيان کي ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود، پيپلزپارٽي، سنڌ حڪومت چُپ جو روزو رکي ڇڏيو، سُڌسماءَ واري سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سميت ڪنهن به ترجمان جو موقف نه آيو.30هين جنوري خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي پاڻي معاملن بابت ڪميٽي جي اجلاس ۾ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني جي سنڌودرياءَ مان ڪئنالن ڪڍڻ بابت موقف بابت سنڌ حڪومت ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود ڪنهن به قسم جو موقف جاري ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪندي چُپ جو روزو رکي ڇڏيو آهي.

پيپلزپارٽي خاص طور بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير مراد علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو سميت سموري سنڌ ڪابينا ڪئنالن واري معاملي تي موقف اختيار ڪندا رهيا آهن ته سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو معاملو تڪراري آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي کي اعتراض آهن، انڪري اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ ) ۾ پيش  ڪيو وڃي، ان لاءِ سي سي آءِ جو جلد اجلاس سڏايو وڃي.

واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني ۽ پاڻي، بجلي واري وزارت ۽ واپڊا جي ٻين اختيارين قومي اسيمبلي جي ڪميٽي جي اجلاس دوران سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ انهن تي سي سي آءِ جي منظوري کانسواءِ شروع ٿيل ڪم بابت بريفنگ ۽ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي واضح ۽ چِٽن لفظن ۾ ڪميٽي کي ٻڌايو هو ته، سنڌو درياءَ مان 6نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل /  سي سي آءِ منظوري ڏئي چڪي آهي، ارسا به ڪم ڪرڻ لاءِ سرٽيفڪيٽ جاري  ڪيو هو ۽ سنڌ حڪومت ان سموري مرحلي دوران نه رڳو آن بورڊ هئي پر ان جو راضپو شامل آهي، انڪري سموريون غلطفهميون ختم ٿيڻ گهرجن. واپڊا چيئرمين ۽ پاڻي معاملن واري وزارت جي اختيارين جي اهڙي وضاحت بابت ميڊيا تي خبرون هلڻ باوجود سنڌ حڪومت ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي سُڌسماءَ واري کاتي جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سنڌ حڪومت جي ڏهن کان وڌيڪ ترجمانن جو به ڪو بيان سامهون ناهي آيو. ياد هجي ته پيپلزپارٽي خاص طور بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير مراد علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو سميت سموري سنڌ ڪابينا ڪئنالن واري معاملي تي موقف اختيار ڪندا رهيا آهن ته سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو معاملو تڪراري آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي کي اعتراض آهن، انڪري اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ ) ۾ پيش  ڪيو وڃي، ان لاءِ سي سي آءِ جو جلد اجلاس سڏايو وڃي.

Advertisement

هيٺ ڏنل لنڪ کولي خبر پڙهڻ سان معاملو وڌيڪ بهتر نموني سمجهي سگهجي ٿو

 

About admin

Check Also

جيئي سنڌ قومي محاذ (بشيرخان قريشي) جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو جاري

جيئي سنڌ قومي محاذ (بشيرخان قريشي) جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو جاري، هزرين ڪارڪنن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *