Sunday , February 23 2025

ڪارونجهر بابت سنڌ حڪومت جا سمورا فيصلا رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تاريخي حڪم

سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو هڪ ٻيو تاريخي فيصلو

سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪارونجهر جبل بابت سنڌ حڪومت جا سمورا حڪم رد ڪري ڇڏيا، ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏيڻ بابت سنڌ حڪومت کي آخري موقعو ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عدنان ڪريم ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت سنڌ حڪومت جي سمورن فيصلن کي رد ڪندي ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس عدنان ڪريم ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو سنڌ حڪومت کي آخري موقعو ڏيندي حڪم ڏنو آهي ته ڪارونجهر کي تاريخي ورثو قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري، اهو نوٽيفڪيشن ايندڙ ٻڌڻيءَ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ رڳو ڪارونجهر ئي بچيو آهي، جنهن کي به اوهان کپائڻ چاهيو ٿا، جيستائين عدالتون موجود آهن، اوهان ڪارونجهر کي کپائي نٿا سگهو.

About admin

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *