ڪراچي(اصغر آزاد سنڌ سماءَ چار) متحده پاڪستان پي آءِ بي ڪالوني گروپ جي اڳواڻ ۽ سينيٽر جي اميدوار ڪامران ٽيسوري پاران سرڪاري زمينو ٺڳي ڪري پنهنجي نالي ڪرائڻ ۽ سون جي واپار ۾ هيراڦيري/غلط بياني ڪرڻ سميت مختلف غير قانوني طريقن سان ڪاروبار ڪرڻ وارن معاملن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. وفاقي تحقيقاتي اداري فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي/ايف آءِ اي پاران ڪامران ٽيسوري خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ڪامران ٽيسوري خلاف جاچ متحده باني ۽ متحده لنڊن جي غير قانوني طريقن سان مالي مدد ڪرڻ جي الزامن کي منهن ڏيندڙ ۽ سون جي وڏي واپاري حنيف حنيف مرچنٽ پاران ايف آءِ اي کي لکيل هڪ خط کانپوءِ ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ پاران ڪامران ٽيسوري جي بئنڪ کاتن، ڪاروباري ڏيتي ليتي سميت لاڳاپيل رڪارڊ گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ حنيف مرچنٽ جي خط بابت معلوم ٿيو آهي ته؛ هُن پنهنجي خط ۾ ڪامران ٽيسوري خلاف گڏيل عرب امارات / يو اي اِي جي شهر دبئي ۾ داخل هڪ ڪيس جي تفصيلن ۽ انٽرپول جي نوٽيس جي ڪاپي به پنهنجي خط سان گڏ ايف آءِ اي ڏانهن اماڻي آهي. حنيف مرچنٽ پنهنجي خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته، ڪامران ٽيسيوري سبئي مان سون درآمد/امپورٽ/گهرايو پر پنهنجي وعدي مطابق ان سون جا زيور برآمد/ ايڪسپورٽ/ ٻاهر نه موڪليا. ڪامران ٽيسوري تي اهو به الزام آهي ته، هُن جيمز اينڊ جيولري انڊسٽريل پارڪ ۾ 68 ايڪڙ زمين پنهنجي ڀاءُ عرفان جي نالي ڪرائي ڦٻائي هئي، جنهن رڳو 17 ڪروڙ ادا ڪيا هئا. ان ئي سلسلي ۾ ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته، ايف آءِ اي ڪامران ٽيسوري ڪامران ٽيسوري خلاف مارچ جي ٻئي هفتي کان باقائدگي سان ڪارروائي شروع ڪندي ۽ ان دوران مٿس ڪرڙي نظر رکي ويندي جيئن ڪٿي هُو پرڏيهه ڀڄي نه وڃي.
Tags kamran tessori MQM leader Kamran tessori
Check Also
تمام جلد…..ٻيهر اچي رهيا آهيون
سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن لاءِ خوشخبري ڪجهه اڻٽر مجبورين سبب اوهان کي پري رهياسين، هاڻي جلد …