ڪراچي / لاڙڪاڻو(رپورٽ/ خاص نمائندو سنڌ سماءَچار) ”جيڪڏهن انويجيليٽر ملوث آهي ته، انٽرنل، ايڪسٽرنل ۽ هيڊماستر به ملوث آهي، آءُ اوهان سڀني کي ڏنڊو ڏئي ڇڏيندس“، اهو چوڻ آهي سنڌ جي تعليم کاتي واري وزير سيد سيدار شاهه جو. تعليم واري وزير ميٽرڪ جي امتحانن دوران لاڙڪاڻي جي هڪ امتحاني سينٽر جو دورو ڪرڻ کانپوءِ واپس ويندي، تعليم کاتي جي هڪ عملدار سان ڳالهائيندي چيو، سنڌ اهڙي وڊيو به منظر تي اچي وئي آهي. سردار شاهه، گاڏي ۾ واپس ويندي امتحاني سينٽر جي ٻاهران تعليم کاتي جي هڪ عملدار سان ڳالهائيندي چيو. سردار شاهه جي اهي جملا ڳالهائڻ واري وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي
Check Also
تمام جلد…..ٻيهر اچي رهيا آهيون
سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن لاءِ خوشخبري ڪجهه اڻٽر مجبورين سبب اوهان کي پري رهياسين، هاڻي جلد …