
حيدرآباد (رپورٽ: قيوم سروهي سنڌسماءَچار) سنڌ جي ناليوارن اديبن، ليکڪن بلوچ صحبت علي جي ترجمي ڪيل ڪتاب “ابراهام لنڪن” کي سنڌي ادب لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته هڪ مزدور پورهيت ابراهام لنڪن محنت ذريعي آمريڪا جو صدر بڻجي سماج جا سينا چيري غلام ڪلچر ختم ڪيو، لنڪن سڄي دنيا جي انسانن لاءِ وڏو مثال آهي، نوجوانن کي سندس زندگيءَ مان سکڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌي ٻولي جي ناليواري ليکڪ، مترجم بلوچ صحبت علي جي آمريڪا جي 16 هين صدر ابراهام لنڪن تي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب جي سنڌي ترجمي ‘ابراهام لنڪن جي سوانح حيات’ جي مهورتي تقريب ۾ مقررن خطاب ڪندي ڪيو.

تقريب جي آرگنائيزر پروان پبليڪيشن اينڊ ميڊيا گروپ جي سرواڻ ملڪ رحمان سڪندر آيل سمورن مهمانن جا ٿورا مڃيا، ان موقعي تي پروفيسر مختيار سمون صدارتي خطاب ڪندي چيو ته ابراهام لنڪن پورهيت هو، هن موچڪو ڪم به ڪيو ته مزدوريون به ڪيون، هن تمام گهڻيون تڪليفون ڏسي آمريڪا جي صدر جو عهدو ماڻيو، پر جڏهن هن سماجي روايتن کي ٽوڙي غلامي کي ختم ڪيو ته جمهوريت ۽ انسان دشمن قوتون سندس ويري بڻجي ويون ۽ آخرڪار هڪ ٿيٽر ڊرامي دوران کيس قتل ڪيو ويو، آمريڪا جون زرعي رياستون غلامي جي حق ۾ هيون، پروفيسر مختيار سمون چيو ته ابراهام لنڪن نه رڳو آمريڪا پر پوري دنيا لاءِ مشعل راهه آهي، لنڪن چيو ته جيڪڏهن اسان ٻن ڄڻن وٽ هڪ، هڪ ڊالر هجي ۽ اسان هڪٻئي سان مٽا سٽا ڪريون ته ٻنهي وٽ هڪ، هڪ ڊالر ئي رهندو پر جيڪڏهن اسان 2 ڄڻا پاڻ هڪ، هڪ خيال جي مٽا سٽا ڪنداسين ته اسان وٽ 2،2 خيال ٿي ويندا، هن چيو ته بلوچ صحت علي لنڪن جي ڪتاب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري پنهنجي نسل کي نه رڳو لنڪن جي حياتي پر آمريڪا جي ان وقت جي پوري سماج کان واقف ڪرايو آهي، ڪتاب جي مترجم بلوچ صحبت علي سمورن ايل مهمان جا ٿورا مڃيندي چيو ته ابراهام لنڪن تمام وڏو ماڻهو هو، صدارتي اليڪشن مهم دوران لنڪن جا حامي ڪاٺ جا تخته کڻي ماڻهن وٽ مهم هلائڻ آيا، ڇاڪاڻ ان وقت لنڪن ڪاٺ جو ڪم ڪندو هو، سندس حياتي پورهيئي ۽ محنت سان ڀريل آهي، بلوچ صحبت چيو ته ڪنول پبليڪيشن منهنجي ڪتابن کي سهڻي نموني پبلش ڪيو آهي، هو معيار تي ڪڏهن به سوديبازي ناهن ڪندا، منهنجي ڪتابن مان جيڪڏهن ڪنهن هڪ نوجوان کي به ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته سمجهو اسان جو پورهيو اگهامي ويو.
اي دوست! مان تنهنجي آڏو ڪنڌ جهڪائي پاڻ تي ملامت ڪري رهيو آهيان-اصغر آزاد

قومي تحريڪ جو تنقيدي جائزو يا خوداحتسابي جون ڳالهيون!! _ اصغر آزاد
سنڌسماءَچار