Sunday , February 23 2025

ڪراچي:ايم پي اي فقير داد کوسو، اڳوڻي سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه ۽ صنعتڪار گوهرالله تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي جي احتساب عدالت ڪوئلو ڪرپشن ريفرنس تي سنڌ اسيمبلي ميمبر فقير داد کوسو، اڳوڻي سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه ۽ گوهر الله سميت 11 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،  عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو .

احتساب عدالت ۾ ڪوئلي ۾  اڍائي ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت پ پ ايم پي اي فقير داد کوسو، اڳوڻي سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه، حيدر آباد چيمبر جي اڳوڻي صدر گوهر الله سميت 11 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو.

جوابدارن پاران ڏوهه قبول ڪرڻ کان  انڪار ڪيو ويو ، جڏهن ته عدالت شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *