Wednesday , April 2 2025
Breaking News

ڪراچي۾ سانوڻي جو مينھن، 6 ڄڻا فوت،رستا واھ بڻجي ويا، بجلي به بند

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار ) سنڌ ۾ سانوڻي جي برسات،ڪراچي،ٺٽو، ننگر پارڪر سميت مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو، ڪراچي۾ برسات دوران مختلف واقعن۾ 6 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، رستن تي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب  ٽريفڪ جام ٿي وئي. ڪراچي جي صدر، ڊفينس، ڪلفٽن، ملير، گلستان جوهر، گلشن اقبال، کارادر، ھاڪس بي، سميت برسات دوران ۽ ان کان پوءِ بجلي غائب ٿي وئي. شھر جي مختلف علائقن۾ حادثن دوران عورت ۽ ٻارڙي سميت 6 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي ئي زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب لياقت آباد ۽ اورنگي ٽائون جي علائقن ۾ گهر اندر ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت ۽ ٻارڙو فوت ٿي ويو. ابراهيم حيدري ۾ ڇت ڪرڻ سبب ٻه ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. ملير جي شمسي سوسائٽي ۾ ڀت ڪرڻ سبب معصوم دٻجي فوت ٿي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *