Wednesday , January 22 2025

ڪراچي بار پاران جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي، جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ جنرل ڪائونسل جو اجلاس ڪيو ويو، وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي هو ته، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينئر جج، جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي وارو عدالتي فيصلي تي افسوسناڪ عمل آهي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو فيصلو ڪرڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪيو ويو. ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر حيدر امام رضوي ۽ ٻين بار جي جنرل باڊي کي خطاب ڪندي چيو ته، جسٽس شوڪت صديقي جي درخواست تي سندس ڪيس اوپن ٽرائل ڪورٽ ۾ هلائڻ تي فيصلو نه ٿيو. هڪ آمر سان مقابلي لاءِ چيف جسٽس افتخار احمد چوڌري سان گڏ وڪيلن به سندس ساٿ ڏنو هو ۽ هو هميشه مظلومن جو ساٿ ڏيندا رهندا. اڳواڻن جو چوڻ هو ته وڪيل هميشه ظلم جو شڪار هوندا آهن، جڏهن به عدليا تي ڪا پريشاني ايندي آهي ته وڪيل سڀ کان اڳيان هوندا آهن. وڪيل اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جسٽس شوڪت صديقي جو بيان غير معمولي هو، سندس بيان جي جاچ ڪرائي کيس بحال ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا

خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *