Wednesday , April 2 2025

ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وڏا ۽ سخت فيصلا ڪرڻ وڃون پيا: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي مان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ پاڻي نيڪال ڪرڻ جي رستا ڪليئر ڪرائڻ تي سوديبازي نه ٿيندي: وڏو وزير

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌ سماچار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وڏا ۽ انتهائي سخت فيصلا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، شهر ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ وارن سمورن رستن آڏو رڪاوٽ بڻيل سرڪاري توڙي نجي عمارتون ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، هاڻي ان معاملي تي ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪنداسين. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ برسات دوران ۽ ان بعد شهر ۾ آيل تباهي جي جائزي وٺڻ واري اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته شهر جي حالت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڏکيا قدم به کڻڻ کان نه گهبرائينداسين، انتهائي سخت قدم کڻڻ طرف وڃي رهيا آهيون ۽ ان تي هاڻي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، هن چيو ته ڪراچي ۾ سمورا ڊي سيز پنهنجن علائقن ۾ چوڪ ٿيل نالن جو جائزو وٺن، برساتي پاڻي ۾ نالا صاف ٿي ويندا آهن، پر ڪچري ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهن سان نالا چوڪ ٿي ويندا آهن، متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *