ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي بلديا ٽائون واري علائقي ۾ گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙن سميت 7 گهر ڀاتي سڙي فوت ٿي ويا. بلديا ٽائون جي ملنگ ڳوٺ جي رهواسڻ ذهني مريض عورت پنهنجي ئي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي. باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت، سندس 3 پٽ ۽ 3 نياڻون سڙي فوت ٿي ويون. باهه جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو ساجد سميت 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا. سڙي فوت ٿيل ٻارڙين ۾ نازيا، نائلا،ظفر، طيب ۽ رقعيه بي بي شامل آهن. سانحي سبب هڪ ٻارڙو ساجد سڙي سخت زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ساجد ابتدائي بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو آهي ته سندس امڙ گهر کي باهه لڳائي، جنهن جو ذهني تواز درست نه هو ۽ گذريل ڪجهه مهينن کان سندس علاج به هلندڙ هو. پوليس جو چوڻ آهي ته، علائقي واسين ٻڌايو ته گهر ڌڻي علي بخش رات 3 وڳي ڌاري گهر کان ٻاهر ويندي ڏٺو ويو هو، جنهن جي ڪجهه دير کائنپوءِ گهر کي باهه لڳي. پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. گهر مالڪ علي بخش جو چوڻ آهي ته، سندس گهر واري ذهني مريض هئي ۽ اها ڪنهن ڪنهن وقت گهر ڀاتين کي سڃاڻي نه سگهندي هئي.
Tags 7 died Baldia Malang Goath house burnt
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …