Tuesday , April 1 2025
Breaking News

ڪراچي مان بنا فرق جي قبضا ختم ڪرايا وڃن: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (خصوصي نمائندو  سنڌ سماچار) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته، ڪراچي جي سمورن مسئلن جو بنياد ٽي مک مسئلا آهن جن کي وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنديون، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ نالن جي صفائي سان گڏ غيرقانوني قبضن کي مڪمل طور هٽائڻ وارو ڪم شروع ڪري رهيا آهيون،ڪچري ۽ نيڪال جي مسئلن کي به مستقل بُنيادن تي حل ڪيو ويندو، ڪراچي جي شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي وارو مسئلو به حل ڪيو ويندو، ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت وزيراعظم کي ڪراچي ۾ هڪ هفتي تائين ترسڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي کي سدائين سياسي بيانبازي ۽ الزامن جي نذر ڪيو ويو، شهر جا مسئلا حل ڪرڻ بدران اختيارن ۽ اقتدار جي واويلا ڪئي وئي، ڪراچي ۾ اختيار گهرڻ جو مطلب رڳو پئسو ڪمائڻ آهي، هر سال ڪراچي برسات ٻڏي وڃي ته فوج کان مدد طلب ڪئي ويندي آهي، وزيراعظم کي تجويز آهي ته پاڻ هڪ هفتي تائين ڪراچي ۾ رهي ۽ صورتحال جو جائزو وٺي مسئلا حل ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *