

وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ امن امان بابت اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌراي ۾ چيو ويو آهي ته، وڏي وزير صوبي ۾ امن امان قام رکڻ ۽ سيڪيورٽي الرٽس جاري ٿيڻ بابت هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ترجمان موجب ڪميٽي جو سربراهه ڊائريڪٽر جنرل رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد سعيد هوندو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ سيوهڻ سانحي ۽ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بابت هنگامي اجلاس ٿو جنهن ۾ ي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعي، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سميت لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران آءِ جي سنڌ سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين صوبي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ سيوهڻ سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس بابت سي ايم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل رائي ۾ چيو ويو آهي ته، وڏي وزير پاران صوبي ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ سيوهڻ سانحي جي جاچ لاءِ ڊي جي رينجرز جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ پوليس، ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ ۽ سينئر پوليس آفيسرز سميت لاڳاپيل اختيارين جا نمائندا به شامل هوندا. ترجمان موجب وڏي وزير پاران جوڙيل ڪميٽي مستقل بنيادن تي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو به وٺندي رهندي ۽ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي، ڪميٽي وڏي وزير کي سيوهڻ سانحي جي جاچ ۽ امن امان بابت روزانو جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪندي رهندي. ان کان اڳ وزير اعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ۽ سي ٽي ڊي ۽ رينجرز جي عملدارن شريڪ ٿيا ۽ وڏي وزير کي سيوهڻ سانحي سميت امن امان بابت بريفنگ ڏني. اجلاس دوران آءِ جي سنڌ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ سيوهڻ سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني آهي. وڏي وزير اسلام آباد کان ڪراچي پهچڻ تي امن امان بابت هنگامي اجلاس طلب ڪيو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سيوهڻ سانحي جي جاچ ۾ بلوچستان حڪومت سميت ان جا لاڳاپيل اداران ڀرپور سهڪار ڪري رهيا آهن.