ڪراچي ۾ دهشتگردي،اڻسڃاتل هٿياربندن هٿان 2 ڄڻا قتل

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ اڻسڃاتل هٿياربند وري ڪَرُ کڻڻ لڳا، اورنگي ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا. ڪراچي اورنگي واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي موت جو کاڄ بڻائي ڀڄي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ شفقت ۽ عبدالرحمان جي نالن سان ٿي وئي آهي، لاش کڻائي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا آهن. پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جلد حقيقتون معلوم ٿي وينديون ۽ جوابدارن کي پڪڙينداسين.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *