ڪراچي ۾ مستقل بنيادن تي رينجرز نه ٿا رکي سگهون: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته، سنڌ حڪومت جي ڪمن ۾ مداخلت نه ڪنداسين، ڪراچي جو امن انتهائي ضروري آهي پر مستقل بنيادن تي رينجرز کي نه ٿا رکي سگهون. وزيراعظم پنهنجي خطاب دوران چيو ته، اسان سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنداسين، صوبائي حڪومت ۾ مداخلت نه ڪبي.ڪراچي ۾ امن امان قائم رهندو ته ڪاروباري سرگرميون وڌيڪ تيز ٿينديون ۽ ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته، ڪراچي جو امن برقرار رکڻ تمام ضروري آهي پر اسان مستقل بنيادن تي رينجرز کي ڪراچي ۾ نه ٿا رکي سگهون، ان لاءِ ضروري آهي ته س پوليس کي وڌيڪ مظبوط ۽ ان کي بهتر ڪجي. ان لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنداسين. ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ ٽرانسپورٽ جهڙا اهم مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ان تي به ڪم ڪيو ويندو.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *