Tuesday , April 1 2025
Breaking News

ڪراچي ۾ ڪارون چوري ڪندڙ زال مڙس گرفتار، ٻئي ڄڻا ميڊيا ۾ ڪم ڪندا هئا

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري گاڏيون چوريون ڪندڙ زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو، ايس پي ڪلفٽن سهائي عزيز چيو ته گرفتار عورت خانگي چينل ۾ نيوز ڪاسٽر رهي چڪي آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي ايس پي ڪلفٽن سهائي عزيز چيو ته جوابدار آئيس جو نشو به ڪندا آهن، گرفتار عورت جو مڙس به ميڊيا ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. هن چيو ته گرفتار جوابدار علي جي نالي سان مشهور آهي، جوابدارن وٽان گذري مان چوري ڪيل گاڏي به هٿ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته گرفتار جوابدار وٽان بيٽريون ۽ هٿيار به مليو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ايس پي سهائي عزيز چيو ته جوابدارن کي 17 مهينن جي ڌيءَ آهي جيڪا عورت جي والدين وٽ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *