ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ 10 ڊاڪٽرن کي ڪرونا هجڻ جو شڪ ظاهر ڪندي کين گهرن اندر ئي آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي. ڪراچي جي عباسي شهيد اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ چيو آهي ته، اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندڙ 10 ڊاڪٽرن کي ڪرونا وائرس هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو هي، جنهن بعد سندن ڪجهه ٽيسٽ ڪري پنهنجن پنهنجن گهرن اندر ئي قرنطينا ۾ رکيو ويو آهي. سمورن ڊاڪٽرن جون وڌيڪ ٽيسٽون به ڪرايون وينديون.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …