Monday , March 31 2025
Breaking News

ڪراچي ۾ 8 هزار ماحول دوست اليڪٽرڪ بسون هلايون وينديون

ڪراچي( چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ڪراچي شهر ۾ 8 اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آحي، سنڌ ڪابينا به منظُري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ اندر عوام کي پبلڪ ٽرانپورٽ جون سهولتون ڏيڻ بابت بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ۾ ٻڌايو ويو ته اين آر ٽي سي پنهنجي ماڊل تي بجلي تي هلندڙ / اليڪيٽرڪ بسون هلائڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن تحت هو ڪراچي ۾ 8 هزار اليڪٽرڪ بسون هلائڻ چاهين ٿا، اليڪٽرڪ بسون ٽِن مرحلن ۾ هلايون وينديو، جنهن بعد سنڌ ڪابينا ان جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا ظهير عابد ميمڻ کي ڪول اٿارٽي جو ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ فنانس مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني، سنڌ ڪابينا ٿر ڪول فيلڊ اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين ريلوي لائين وڇائڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين 9 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائي ويندي، ريلوي لائين جي هن منصوبي تي ايندڙ خرچ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت گڏيل طور برداشت ڪندي. ريلوي لائين جي هن منصوبي تي مجموعي لاڳت جو50 سيڪڙو سنڌ حڪومت 50 سيڪڙُ وفاقي حڪومت/ پاڪستان ريلويزڀرينديون.

About admin

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *