Monday , March 31 2025
Breaking News

ڪرونا جي مريضن ۾ واڌ، سنڌ ۾ هڪ هزار 411، ملڪ ۾ مجموعي انگ 5111 ٿي ويو

سنڌ ۾ ڪرونا جا 93 نوان ڪيس ظاهر،پاڪستان ۾ متاثرن جو انگ 5131 ٿي ويو

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ اڄوڪي ڏينهن ڪرونا جا وڌيڪ 93 ڪيسز جي تصديق، سنڌ ۾ مريضن جو انگ هڪ هزار 411 ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ مجموعي طور مريضن جو انگ 5 هزار 131 ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت جي سرڪاري  انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ اڄوڪي ڏينهن 12 اپريل تي وڌيڪ 93 ڄڻن کي ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ مجموعي طور مريضن جو انگ وڌي هڪ هزار چار سئو 11 ٿي ويو آهي. اهڙي طرح ملڪ ۾ ڪرونا جي ڪيسز ۾ به تيزي سان وڌي رهيو آهي، سنڌ جيان اسلام آباد، گلگت بلتستان ۾ به وائرس ڦهلجي رهيو آهي ۽ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو تناسب به وڌندي نظر اچي رهيو آهي. پنجاب ۾ مجموعي طور تي وائرس متاثر مريضن جو انگ 2 هزار 4 25 ٿي ويو آهي، گلگت بلتستان ۾ 216، خيبرپختونخوا ۾ 697، بلوچستان ۾ 228، اسلام آباد ۾ 119، آزاد ڪشمير ۾ ڪرونا متاثر مريضن جو انگ 35 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا وگهي فوتين جو انگ وڌي 88 ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *