Sunday , February 23 2025

ڪرونا وائرس جي جي روڪٿام؛ نيٺ وفاقي حڪومت ضد تان لهي وئي، ريل گاڏيون بند

اسلام آباد (خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت نيٺ ضد تان لهي وئي، سڄي ملڪ ۾ اڄ کان 31 مارچ تائين ريل گاڏين جي اچ وڃ مڪمل طور بند ڪري ڇڏي آهي، ريلويز واري وزارت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت ڪرونا وارس جي روڪٿام لاءِ وفاقي سرڪار کي ريل گاڏين جي اچ وڃ بند ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، ڪيل درخواست وفاقي حڪومت رد ڪري ڇڏي هئي، وفاقي وزير شيخ رشيد به سنڌ حڪومت جي موقف جي سخت مخالفت ڪئي هئي. ريلوي واري وزير ان کان اڳ چيو ته لاڪ ڊائون ڪرڻ بابت سندس وزارت سان صلاح نه ڪئي وئي هئي، انڪري ريلوي جي حوالي سان پنجاب کان نه پر سنڌ مان مسئلا ٿي رهيا آهن. آخري اطلاع اهي آهن ته ريلوي وارو وفاقي وزير ۽ وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي قائم آهن ته ريلويز آپريشن جاري رکيو وڃي، جنهن لاءِ حتمي فيصلو اڃا سامهون ناهي آيو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *