سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ عام ماڻهو ڪنهن وزير، مشير ۽ سيڪريٽري جي آفيس نه اچي سگهندا
ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار ) سنڌ ۾ تيزي سان وڌندڙ ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ صحت کاتي کي گرمين اچڻ جو انتظار آهي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ عام ماڻهن جي داخلا تي به پابندي لڳائي وئي آهي. سنڌ جي صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، ڪرونا وائرس گرمين ۾ ختم ٿي ويندو، موسم اڃا ٿڌي آهي انڪري ڪجهه ڪيسز ظاهر ٿيا آهن، اميد آهي ته گرمي پد وڌندو ۽ ڪرونا وائرس پاڻ ئي ختم ٿي ويندو. ٻئي پاسي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ وزيرن، مختلف کاتن جي سيڪريٽريز جي آفيس ۾ عام ماڻهن جي داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.
http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d9%88%da%8f%d9%8a-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1-%d8%ac%d9%88-%da%80%d9%8a%da%bb%d9%8a%d9%88%d9%8a%d9%88-%da%aa%d8%b1%d9%88%d9%86%d8%a7-%d9%88%d8%a7%d8%a6%d8%b1%d8%b3-%db%be-%d9%85%d8%a8%d8%aa%d9%84%d8%a7/