ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ اندر مختلف کاتن ۾ ڪرپشن خلاف ڪاررواين دوران اينٽي ڪرپشن جي آفيسرن سان سهڪار نه ڪندڙ ڪامورن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي، چيئرمين اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز علم الدين بُلو چيو آهي ته سهڪار نه ڪندڙ آفيسرن خلاف سندن کاتن جي سيڪريٽريز کي لکت ۾ شڪايت ڪئي ويندي. اهڙو فيصلو اينٽي ڪرپشڻ اينڊ انڪوائريز جي چيئرمين علم الدين بلو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ۾ ڪيو ويو، اجلاس دوران لاڳاپيل آفيسرز پاران پيش ڪيل رپورٽس بابت ڳالهائيندي علم الدين بلو چيو ته، ڪرپشن جي عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزائون اچڻ جو تناسب انتهائي گهٽ آهي، جيستائين ڪرپٽ ماڻهن کي سزائون نه ملنديون ايستائين ڪرپشڻ جي خاتمي ۾ مدد نه ملندي. اينٽي ڪرپشن ويسٽ زون جي اجلاس دوران ڊپٽي ڊائريڪٽر ڄام ظفرالله ڌاريجو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اشرف سومرو، سرڪل آفيسر اميل رضوي ۽ ٻين مختلف ڪيسز بابت رپورٽ به پيش ڪئي، واڳيل آفيسرز پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيئرمين کي ٻڌايو ويو ته، گذريل هڪ سال دوران ڪرپشڻ جا 12 ڪيس داخل ڪيا ويا، 14 ٽريپ ۽ 10 اوپن انڪوائريز تحت ڪارروائي به ڪئي، سمورن ڪيسن جا چالان لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي چيئرمين اينٽي ڪرپشن علم الدين بلو چيو ته، سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿسرٽي سميت ڪنهن به کاتي جا آفيسر ڪيسن جي جاچ پڙتال ۾ سهنڪار نه ڪن ته سندن کاتي جي سيڪريٽري ياا واڳيل اختياري کي لکت ۾ شڪايت ڪئي وڃي.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …