ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ بعد ڀرتي جي سفارش ڪيل 74 سيڪشن آفيسرز ( ايس اوز) کي مختلف کاتن ۾ مقرر ڪيو ويون آهي، سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق سمورن سيڪشن آفيسرز کي ليبر، صحت، زراعت، ٽرانسپورٽ، تعليم، ايڪسائيز، ثقافت کاتي سميت مختلف کاتن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته، نون ڀرتي ٿيل سيڪشن آفيسرن کي ٽريننگ اڪيڊمي ۾ لازمي ٽريننگ پڻ جاري رکندا. سمورن ايس اوز کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ورتل امتحانن ۾ پاس قرار ڏنو ويو هو، جن کي ايس پي ايس سي جي سفارش تي سنڌ حڪومت واسطيدار کاتن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
Check Also
تمام جلد…..ٻيهر اچي رهيا آهيون
سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن لاءِ خوشخبري ڪجهه اڻٽر مجبورين سبب اوهان کي پري رهياسين، هاڻي جلد …