Thursday , April 17 2025

ڪنري ۾ هارياڻي سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن بعد گرفتار

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار       مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪنري ويجهو بااثر شخص پاران ڀيل برادري جي پرڻيل ناريءَ سان زيادتي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي ميرپور خاص، ايس ايس پي عمر ڪوٽ ۽ ايس ايڇ او نبي سرروڊ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، عدالت ڪيس جي جاچ نبي سرروڊ ٿاڻي تان منتقل ڪري اي ايس پي ميرپور خاص حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪنري ويجهو بااثر شخص پاران ڀيل برادري جي پرڻيل ناريءَ سان زيادتي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي ميرپور خاص مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي عمر ڪوٽ عثمان اعجاز ۽ ايس ايڇ او نبي سرروڊ اشوڪ ڪمار عدالت ۾ پيش ٿا. پوليس آفيسرز عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ڀيل برادري جي ناري شريمتي ڌيا سان لڄالٽ جو ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدار نذير خاصخيلي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. عدالت ناري سان زيادتي واري ڪيس جي جاچ نبي سرروڊ ٿاڻي تان منتقل ڪري اي ايس پي سٽلائيٽ ٽائون ميرپور خاص حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻئي پاسي ڪنري پوليس جوابدار نذير خاصخيلي کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتان عدالت جوابدار کي ھڪ ڏينھن جي  رمانڊ  تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

شهيد بشير خان قريشي جي13هين ورسي، جسقم پاران اهم اعلان جو امڪان

رتوديرو / ڪراچي ( خاص نمائندو / آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) سنڌ جي ” وڏي “ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *