اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان احتساب وڌيڪ تيز ڪري عوام جي ڦرلٽ ڪري پرڏيهه اماڻيل سموري رقم وطن واپس آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، نه ڪنهن جي آڏو اڳ ۾ بليڪ ميل ٿيس ۽ نه هاڻي ڪنهن جي بليڪ ميلنگ ايندس، ڪنهن به ڌاڙيل کي اين آر او نه ملندو، سڀني ڪرپٽ ماڻهن جو سخت احتساب ٿيندو، مون کي نه ڪنهن ڊڪٽيٽر پاليو ۽ نه وري منهنجو پيءُ سياسي ليڊر هو، اڄ ڌانڌلين جون دانهون ڪندڙ 2013ع وارين ڌانڌلين جو احتساب ڪن ها ته اڄ دانهون نه ڪن ها. وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اجالس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي قرض ۾ ٻوڙڻ وارن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين، عوام جو لٽيل پئسو ملڪ واپس آڻينداسين ۽ ڪنهن کي به اين آرو او نه ملندو.وزيراعظم عمران خان چيو ته عوام سان واعدو ڪريان ٿو ته هو جنهن تبديلي لاءِ ترسي رهيو هو اها اسان آڻينداسين. هن چيو ته چورن جو سخت احتساب ڪيو ويندو، جن ماڻهن عوام کي قرضن ۾ ٻوڙيو انهن کي ڪنهن به صورت نه ڇڏينداسين. سندس چوڻ هو ته مون کي ڪنهن به آمر ناهي پاليو، پنهنجي محنت سان 22 سالن کانپوءِ وزيراعظم چونڊيو آهيان. نئين چونڊيل وزيراعظم چيو ته آئون نوجوانن جي ڪري اڄ هن جاءِ تي آهيان، سندن حمايت کانسواءِ اڄ آئون وزيراعظم نه هجان ها. نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪي قرض 6 هزار ارب مان وڌي 28 هزار ارب تائين پهچي ويو آهي، اهو قرض ڪيئن چڙهيو ان جو احتساب ڪيو ويندو، جيڪو پئسو عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجي ها اهو ماڻهن جي کيسن ۾ ويو.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …