Tuesday , April 1 2025
Breaking News

”ڪنهن وٽ ريحام خان جو ڪتاب آهي ته مون کي ڏئي ته پڙهي چَسِڪو وٺان“: نثار کهڙو

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته، ريحام خان کي پي ٽي آئي جا ٿورا مڃڻ گهرجن، جنهن ڪتاب اچڻ کان اڳ ئي سند ڪتاب کي مشهور ڪري ڇڏيوآهي، ” جيڪڏهن اهو ڪتاب ڪنهن وٽ هجي ته ڀلا مونکي به ڏئي ته پڙهي چَسِڪو وٺان“. ممڪن آهي ته ريحام خان جو ڪتاب جلد بيسٽ سيلرز جو انعام نه کٽي وٺي. پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ڪراچي ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نثار کهڙي چيو ته جي ڊي اي  وارا پهريان به پ پ تي الزام هڻندا هئا، هاڻ به هڻي رهيا آهن.

هن چيو ته 2013 ۾ سمورن الزامن جي باوجود عوام اسان کي ووٽ ڏنا. اسان اتفاق راءِ سان سنڌ جو نگران وڏو وزير نامزد ڪيو، هاڻ ڪابينا جوڙڻ وڏي وزير جو ڪم آهي. نثار کهڙو ريحام خان جي ڪتاب تي تبصرو ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪتاب جي ڪاپي ڪنهن وٽ آهي ته مون کي ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ” جيڪڏهن اهو ڪتاب ڪنهن وٽ هجي ته ڀلا مونکي به ڏئي ته پڙهي چسڪو وٺان“. ممڪن آهي ته ريحام خان جو ڪتاب جلد بيسٽ سيلرز جو انعام نه کٽي وٺي. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙي چيو ته ريحام خان کي پي ٽي آئي جا ٿورا مڃڻ گهرجن، جنهن ڪتاب شايع ٿيڻ کان اڳ ان کي مشهور ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *