Sunday , February 23 2025

ڪنڌڪوٽ ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري وئي، هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ٻارڙا فوت

فائل فوٽو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ۾ ارڙي جو مرض وبائي صوت اختيار ويو آهي، صحت کاتي پاران ان سلسلي ۾ ڪي به خاص قدم نه ورتا آهن، ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ دلمراد مرهٽو ۾ ارڙي وگهي 16 نومبرجمعي واري ڏينهن هڪ ئي گهراڻي جا 2 معصوم ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن هفتن دوران ساڳئي ڪٽنب جا 6 گلن جهڙا ٻارڙا فوت ٿيڻ سبب ڳوٺ ۾ ماحول سوڳوار بڻيل آهي، صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي. ڳوٺ دلمراد مرهٽو ۾ فوت  ٿيل ٻارڙن ۾ 3 مهينن جو عمران  پٽ رميز ۽ 7 ورهين جو محمد بچل پٽ علي بيگ مرهٽو شامل آهن. 2 هفتن دوران  هڪ ئي گهر جا 6 گلن جهڙا ٻارڙا فوت ٿيڻ سبب ڳوٺ ۾ ماحول سوڳوار بڻيل آهي، ان کان اڳ 3 مهينن جي وڪيلان، 6 ورهين جو گل بهار،3 ورهين جي فوزيا ۽7 ورهين جي عابده مرهٽو فوت ٿي ويا هئا. صحت کاتي توڻي ضلعي انتظاميا ارڙي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته صحت کاتي جون ٽيمون موڪلي وبا تي ضابطو آندو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *