Tuesday , April 1 2025
Breaking News

ڪوئيٽا ۾ پوليس وين ڀرسان آپگهاتي ڌماڪو 6 ڄڻا شهيد، 17 زخمي

ڪوئيٽا ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ زرغون روڊ تي آپگهاتي ڌماڪي ۾ 6 ڄڻا شهيد ۽ 17 ماڻهو زخمي ٿي پيا. زخمين ۽ شهيدن ۾ پوليس اهلڪار به شامل آهن. ڪوئيٽا  بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ختم ٿيڻ کان ڪجهه وقت پوءِ جي پي او چوڪ وٽ آپگهاتي ڌماکي ۾ 4 پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا. ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ واٽهڙو ۽ 9 پوليس اهلڪارن سميت 17 ڄڻا گهائجي پيا. ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ڪجهه زخمين کي شهر جي ٻين اسپتالن ڏانهن به نيو ويو. پوليس ۽ سول اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگرد اصل ۾ بلوچستان  اسيمبليءَ کي نشانو بڻائڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو، پر سيڪيورٽي سخت هجڻ ڪري هُن پاڻ کي پوليس وين ويجهو ڏماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

پوليس موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪارن سميت 6 مماڻهو شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ هڪ شاگرد لڳي رهيو آهي ۽ ٻئي جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. باقي 4 ڄڻا پوليس اهلڪار آهن. پوليس موجب زخمين ۾ 9 پوليس اهلڪار ۽ ڪجهه واٽهڙن سميت 17 ماڻهو شامل آهن. بم ڊسپوزل اسڪواڊ يونٽ جي انچارج جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ ۾ ڌماڪو آپگهاتي هو، جنهن ۾ 8 کان 10 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو. آپگهاتي ڌماڪي ۾ استعمال ڪيل بارود ۾ بال بيرنگ به هئان جن جيڪري نقصان وڌيڪ ٿيو. ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *