ڪوٽ غلام محمد ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) بااثر ڀوتار جي پٽ، پورهيت ۽ سندس زال تي مبينا تشدد ڪري سندن ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، متاثرن جي فرياد تي پوليس بااثر زميندار کي گرفتار ڪري ورتو. بااثر زميندار سرور آرئين جي پٽ پورهيت ڏيوو ڪولهي ۽ سندس زال شرميتي کي تشدد جو نشانو بڻائي، سندن ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا. متاثرن موجب بااثر جي پٽ بيگناهه تشدد ڪيو آهي، جيڪا ناانصافي آهي. متاثر پورهيت جي فرياد تي پوليس بااثر زميندار سرور آرائين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي الزام هيٺ گرفتار ٿيل زميندار جو چوڻ آهي ته ڏيوو ڪولهي موالي آهي، منهنجي پٽ هنن تي ڪوبه تشدد ناهي ڪيو.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …