Tuesday , April 1 2025
Breaking News

ڪوڙا بئنڪ کاتا اسڪينڊل، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ سمٽ بئنڪ ڪوڙن کاتن ذريعي 41 ارب رپين کان  وڌيڪ جي رقم پرڏيهه منتقل ٿيڻ واري اسيڪنڊل گهڻ پاسائين جاچ لاءِ، گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽن ججز تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي بئنچ مني لانڊرنگ ڪيس جي شنوائي دوران ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ سميت لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪيس جي ڪارروائي دوران چيف جسٽس، ڊي بشير ميمڻ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جنهن کي گرفتار ڪيو ٿا، اهو بيمار ٿي ٿو پئي؟ رمارڪس ڏيندي چيو ته، ان ور مجيد تنهائي واري قيد / قيد تنهائي ۾ ناهي، پنهنجي اکين سان گهڻو ڪجهه ڏسي آيو آهيان. ڪيس جي شنوائي دوران ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته ”اسان وٽ هڪڙو ئي لاڪ اپ آهي، جتي گرفتار جوابدارن کان پڇاڳاڇا ڪندا آهيون، جوابدار/ملزم آسائشن سان ڀرپور زندگي گذارڻ جا عادي هوندا آهن“.

آغا خان اسپتال ۾ چڪاسيل رت جا جزا شرجيل ميمڻ جا هئا يا نه؟

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *