ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي واسين مٿان بجلي بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتون آهن، ڪي اليڪٽر نيپرا کي بجلي مهانگي ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ بجلي مهيا ڪندڙ ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کي بجلي 3 رپيا 24 پئسا في يونٽ مهانگو ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، ڪي اليڪٽرڪ درخوات ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نومبر 2020 کان فيول ايڊجيسٽمينٽ جي مَد ۾ بجلي جي في اگهه ۾ 3 رپيا 2 پئسا واڌ ڪئي وڃي. نيپرا وفاقي سرڪار جي منظوري کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ کي فيول ايڊجيسٽمينٽ جي مد ۾ ڪراچي شهر جي رهواسين لاءِ بجلي مهانگي ڪري گذريل چئن مهينن جي اوڳاڙي ڪندي جنهن سان بجلي استعمال ڪندڙن تي 6 ارب رپين کان وڌيڪ جو واڌو بار پوندوو.
