Saturday , February 22 2025

ڪي ٽي اين جي رپورٽر عزيز ميمڻ جي قتل جو الزام اسانجي جماعت تي لڳائڻ جي ڪوشش ٿي: پ پ چيئرمين

عزيز ميمڻ جا سمورا قاتل گرفتار ٿيڻ تائين سُک سان نه ويهنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعتراف ڪيو آهي ته صحافين تي سڀ کان وڌيڪ ڪيس سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا آهن ۽ نامعلوم ايف آءِ آرز داخل ٿي رهيون آهن، سنڌ حڪومت کي انهن جي جاچ ڪرڻ گهرجي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس بلاول چيو ته، ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر عزيز ميمڻ جي قتل جو الزام اسان جي پارٽي جي مٿان لڳايو ويو، بلاول چيو ته عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث سمورن قاتلن جي گرفتاري تائين سک سان نه ويهنداسين. بلاول ڀٽو زرداري صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن کي سنڌ ۾ صحافين خلاف ڪيس قائم ڪرڻ تي تمام گهڻي پريشاني آهي، ملڪ ۾ صحافي ڏکيائين ۽ ڪيسز کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر سنڌ ۾ صحافين خلاف سڀ کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيا آهن، نه رڳو ايترو پر سنڌ ۾ صحافين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آرز داخل ٿي رهيون آهن،بلاول ڀٽو زردارفي چيو ته سنڌ حڪومت کي صحافين خلاف داخل ٿيندڙ نامعلوم ايف آءِ آرز جي جاچ ڪرڻ گهرجي.بلاول وڏي وزير ۽ سڌسماءَ جي وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته صحافين خلاف داخل سمورن ڪيسن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *