Tuesday , April 22 2025

گئس کان محروم علائقن ۾ گئس سلينڊر استعمال ڪندڙ تي ايل پي جي بم ڪيرايو ويو

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  وفاقي حڪومت پاران مهانگائي سٽيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ کانپوءِ گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ ايل پي جي جو اگهه به وڌائي ڇڏيو آهي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ اوگرا ايل پي جي به مهانگي ڪري ڇڏي، اوگرا پاران گهريلو استعمال جي ايل پي جي سلينڊر جي اگهن ۾ 41 رپيا 27 پئسه واڌ کانپوءِ 11 ڏهائي 8 ڪلو گرام وارو سلينڊر15 سئو 92 پئسه ٿي ويو آهي. اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ ايل پي جي سلينڊر جي اگهن ۾ 41 رپيا 27 پئسه واڌ ڪئي وئي آهي. اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ايل پي جي جو 11 ڏهائي 8 ڪلو گرام وارو سلينڊر 15 سئو 63 رپيا ۽ 92 پئسه ٿي ويو آهي. مارچ ۾ ايل پي جِي جي گهريلو سيلنڊر جي قيمت 15 سئو 22 رپيا 64 پئسا هئي. واضح رهي ته وفاقي سرڪار گذريل ڏينهن پيٽروليم شين جي اگهن ۾ به 6 رپين تائين واڌ ڪئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ حڪومت جون 50کان وڌيڪ گاڏيون غيرواسطيدار ماڻهن حوالي

سنڌ حڪومت جون پنجاهه کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون ايم پي ايز، ڪامورن ۽ بااثر سياسي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *