Monday , March 31 2025
Breaking News

گروي رکيل کنڊ گم ڪرڻ واري ڪيس ۾ انور مجيد جي پٽن جي حفاظتي ضمانت منظور

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار انور مجيد جي 4 پٽن ۽ ٽن ڌيءُ گروي رکيل کنڊ گم ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت ڪرائي ورتي آهي. ڪراچي جِي بينڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد جوابدار انور جميد جي چئن پٽن ۽ ٽن ڌيئرن جي حفاظتي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي. عدالت ۾ انور مجيد جي ٻارن منهال مجيد، صائمه مجيد، نمر مجيد، مصطفيٰ ۽ علي ڪامل حفاظتي ضمانت واري درخواست جمع ڪرائي. عدالت انور مجيد جي ٻارڙن جي 10-10 لک رپين جي مچلڪن عيوض حفاظتي ضمانت منظور ڪئي. بينڪنگ ڪورٽ انور مجيد جَي ٻارن جِي ملڪيت ضبط ڪرڻ باوجود شگر ملز مان کنڊ غائب ٿيڻ واري معاملي تي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي.ڪجهه ڏينهن اڳ کنڊ چوري ٿيڻ واري معاملي تي ايف آءِ اي انور مجيد جي پُٽ نمر مجيد کي سپريم ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو هو جنهن کي ڪجهه ڪلاڪن بعد آزاد ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *