گرين انيشيٽو پاڪستان جي منصوبي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪئنالن جي لکت ۾ منظوري ڏيندڙ صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ ۾ ڪئنال جي مخالفت ۾ بيان، سوال اٿاري ڇڏيا، ڇا آصف زرداري پنهنجي منظوري کي رد ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻندو؟
؟
اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) گرين انيشيٽو پاڪستان جي منصوبي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪئنالن جي لکت ۾ منظوري ڏيندڙ صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ ۾ ڪئنال جي مخالفت ۾ بيان، سوال اٿاري ڇڏيا، ڇا آصف زرداري پنهنجي منظوري کي رد ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻندو؟ صدر آصف علي زرداري سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ مخالفت ڪندي حڪومت جون هڪ طرفيون پاليسيز وفاق لاءِ خطرو قرار، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته محب وطن طور حڪومت کي خبردار ڪيان ٿو ته اوهان جون هڪ طرفيون پاليسيون وفاق لاءِ خطري جو سبب بڻجنديون، صوبن جي مخالفت باوجود سنڌو درياهه تي نوان ڪينال ٺاهڻ وارو فيصلو هڪ طرفو آهي، جنهن جي سخت مخالف ڪيان ٿو، حڪومت کي تجويز آهي ته سنڌو تي ڪينال ٺاهڻ وارو فيصلو فوري طور واپس وٺي، حڪومت کي درخواست آهي ته ڪئنالز واري معاملي تي صوبن جي مشاورت سان قابل عمل ۽ جٽادار حل ڪڍي.
پارليامينٽ جَي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته محب وطن طور حڪومت کي خبردار ٿو ڪيان ته اوهان جون هڪ طرفيون پاليسيون وفاق لاءِ خطري جو سبب بڻجنديون، صوبن جِي مخالفت باوجود سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ وارو فيصلو هڪ طرفو آهي، جنهن جِي سخت مخالف ڪيان ٿو، حڪومت کي تجويز آهي ته سنڌو تي ڪئنال ٺاهڻ وارو فيصلو فوري طور تي واپس وٺي. پارليامينٽ جَي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته حڪومت ڪئنال معاملي تي صوبن جِي مشاورت سان قابل عمل ۽ جٽادار حل ڪڍي. صدر آصف علي زرداري سنڌو درياهه تي تي نوان ڪئنال اڏڻ جِي مخالفت ڪندي چيو ته محب وطن طور حڪومت کي خبردار ڪيان ٿو ته اوهان جون هڪ طرفيون پاليسيون وفاق لاءِ خطري جو سبب بڻجنديون. صدر آصف زرداري چيو ته صوبن جي مخالفت باوجود سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏڻ وارو فيصلو هڪ طرفو آهي، جنهن جي سخت مخالف ڪيان ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته حڪومت کي تجويز آهي ته سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏڻ وارو فيصلو فوري طور تي واپس وٺي. صدر آصف علي زرداري پاڻي کوٽ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ آبپاشي نظام کي اپگريڊ ڪرڻ، پاڻي جي تحفظ ۽ ورڇ لاءِ نئين ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته اسان کي پاڻي جي وڌيڪ دستيابي ۽ ان جي موثر استعمال تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ تاجڪستان کان بلوچستان تائين پاڻي جِي لائين وڇائڻ جهڙن منصوبن تي ڌيان ڏيڻ جِي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردن جِي اندروني توڙي بيروني فنڊنگ ٿي رهي آهي، پارليامينٽ انتهاپسندي واري نظرئي ۽ تشدد جي حمايت ڪندڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ اتفاق راءِ قائم ڪري، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز جانيون قربانيون ڪيون آهن، اسان دهشتگردي کي ٻيهر ڪر کڻن نٿا ڏئي سگهون. صدر آصف علي زرداري پنهنجي خطاب ۾ حڪومت جي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن جِي واکاڻ به ڪئي. صدر جَي خطاب دوران اپوزيشن ميمبرن نعريبازي ڪئي پر صدر مملڪت پنهنجو خطاب جاري رکيو