Tuesday , April 1 2025
Breaking News

گلستان جوهر ۾ سنڌي وسندي مدو ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،هڪ ڄڻو قتل

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) گلستان جوهر واري علائقي ۾ سنڌي وسندي مدو ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي وقت موجود پوليس اهلڪار خاموش تماشائي بڻيل رهيل، علائقي ۾ ڊڄ وارو ماحول ڇانيل رهيو. گلستان جوهر واري علائقي ۾ قائم قديمي سنڌي آبادي مدو ڳوٺ ۾ پلي ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ گاڏين جي پارڪنگ واري معاملي تان ڏند چڪ ۽ تکو مٺو ڳالهائڻ دوران تڪرار تيز ٿي ويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ تڪرار تان ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪ ٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڌر جو هارون پلي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو ۽ ٻي ڌر جي حفيظ چانڊيو سميت ٻنهي ڌرين جا ٽي ڄڻا گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڦٽجي پيا. ڇنڇر تي صبح جو ٿيل تڪرار ۽ هڪ ڄڻي جي قتل کانپوءِ مدو ڳوٺ ۾ رات دير تائين ڇڪتاڻ، ڊڄ ۽ ڀؤ واري صورتحال برقرار آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *