گلوڪارا صنم ماروي ۽ احمد شاهه جو تڪرار، ”بس ٺهيو ٺهيو“ تي ختم

ثقافت کاتي جي وزير ذوالفقار شاهه ۽ نورالهديٰ شاهه، احمد شاهه کي چيو ته هُو صنم ماروي کان دل آزاري جي معذرت ڪري ۽ اهڙي طرح صنم ماروي به معذرت ڪندي، احمد شاهه کي اهو به چيو ويو ته صنم ماروي کي هُو به رئو پارائي، ذريعن جي دعويٰ موجب آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه صنم ماروي کان معذرت ڪرڻ ۽ کيس مٿي تي هٿ رکڻ يا رئو پارائڻ کان به کُتو جواب ڏئي ڇڏيو.

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) گلوڪارا صنم ماروي ۽ احمد شاهه وچ ۾ هلندڙ تڪرار، ”بس ٺهيو ٺهيو“ تي ختم، ناليواري سنڌي اديب ۽ دانشور نورالهديٰ شاهه اهم ڪردار ادا ڪيو.

گذريل ڪجهه ڏينهن کان گلوڪارا صنم ماروي ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر سيد احمد شاهه وچ ۾ هلندڙ تڪرار بغير ڪنهن معافي تلافي جي ختم ٿي ويو آهي، احمد شاهه ۽ صنم مارويءَ وچ ۾ هلندڙ اهو تڪرار ختم ڪرائڻ ۾ سنڌي نامياري اديبه نورالهديٰ شاهه ۽ ثقافت کاتي جي وزير سيد ذوالفقار شاهه جي سرپئنچي ۾ جو ڪردار ادا ڪيو.

احمد شاهه ۽ صنم مارويءَ وچ ۾ سکر فيسٽيول ۾ بدتميزي ڪرڻ واري معاملي تان شروع ٿيل تڪرار بغير ڪنهن به معافي تلافي يا ڪنهن به ڌُر پاران غلطيءَ جي اعتراف ڪرڻ کانسواءِ؛ ” بس ٺهيو ٺهيو، جهيڙو نه ڪيو“ جي بنياد تي ختم ڪيو ويو آهي.

احمد شاهه، صنم ماروي کان نه معذرت ڪئي نه ئي معاملو ختم ڪرڻ وقت کيس نالي ماتر رئو پارائڻ ۾ نورالهديٰ شاهه ۽ صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه سان گڏ هٿ ونڊايو، جن صنم ماروي کي رئو پارائي معاملو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. صنم ماروي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته، ”سنڌ جي روايت  آهي ته جڏهن وڏا  گڏجن ته سڀ ڳالهيون ڇڏي ڏبيون آهين، ادا ذوالفقار شاهه، نور الهديٰ شاهه گڏ آهن، جيڪي به ڳالهيون هيون سڀ ختم ٿي چڪيون آهن“.

ان سلسلي سيد احمد شاهه جو چوڻ آهي ته، صنم ماروي واري معاملي ۾ هُو نورالهديٰ شاهه جيڪري خاموش هو.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، ثقافت کاتي جي وزير ذوالفقار شاهه ۽ نورالهديٰ شاهه، احمد شاهه کي چيو ته هُو صنم ماروي کان دل آزاري جي معذرت ڪري ۽ اهڙي طرح صنم ماروي به معذرت ڪندي، احمد شاهه کي اهو به چيو ويو ته صنم ماروي کي هُو به رئو پارائي، ذريعن جي دعويٰ موجب آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه صنم ماروي کان معذرت ڪرڻ ۽ کيس مٿي تي هٿ رکڻ يا رئو پارائڻ کان به کُتو جواب ڏئي ڇڏيو.

About admin

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *