گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) گل پلازا سانحي جي انڪوائري رپورٽ ۾ فائرآڊٽس تي عملدرآمد جي موثر پوئواري نه ٿيڻ،  ڪي ايم سي، سول ڊفينس ۽ ضلعي انتظاميا جون رپورٽس فائلن تائين محدود هجڻ جو انڪشاف، رپورٽ ۾ باهه آرٽيفيشل گلن جي دڪان ۾ لڳڻ بعد تيزيءَ سان پکڙجي ٽئين درجي ۾ تبديل جو به انڪشاف، گل پلازا سانحي جي ڪمشنر ڪراچي جي نگراني ۾جوڙيل فئڪٽ فائينڊنگ ڪميٽيءَ جي انڪوائري رپورٽ جاري، انڪوائري رپورٽ موجب آرٽيفيشل گلن جي دڪاندار نعمت الله، دڪان تي ڪم ڪندڙ هڪ11 سالن جي نينگر حوالي ڪري ويو، جنهن ماچيس جي تيلي ٻاري ته دڪان ۾ باهه لڳي وئي، باهه لڳائيندڙ مادو هجڻ سبب باهه تيزيءَ سان پکڙجي وئي، رپورٽ موجب اُهو سڄو واقعو ڀر واري دڪان تي ڪم ڪندڙ شخص آرٽيفيشل گلن واري دڪان کي باهه لڳڻ وارو واقعو اکين سان ڏٺو، انڪوائري رپورٽ ۾ انڪوائري رپورٽ ۾ دڪان ننڍي عمر جي ٻارن حوالي ڪرڻ وڏي لاپرواهي قرار ڏنو ويو آهي.

گل پلازا سانحي جي21 صفحن تي ٻڌل جاري ڪيل انڪوائري رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته باهه لڳڻ جي پنجن منٽن بعد ئي چوڪيدار پلازا جي بجلي بند ڪري ڇڏي، اونداهي، دونهون پکڙجڻ ۽ رستا بند هجڻ ڪري ماڻهو ٻاهر نڪري نه سگهيا. لوهه جو ڄاريون ڪٽڻ سبب ريسڪيو جي ڪم ۾ دير ٿي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فائر برگيڊ کي وقت سر پاڻي نه مليو، فائر ٽينڊرز وٽ مناسب آوزار ۽ حفاظتي سامان موجود نه هو،  گل پلازا ۾ غير محفوظ بجلي جي نظام سبب به باهه زور وٺي وئي، واقعي وقت گرائونڊ فلور جا 3 کان 4 دروازا کليل هئا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گرائونڊ فلور تي باهه لڳڻ سبب ڏاڪڻين ۾ دونهون پکڙجي ويو، رات جو10 لڳي50 کان 10 لڳي55 منٽن تائين باهه ٽئين درجي ۾ تبديل ٿي وئي، ۽ تيزيءَ سان عمارت کي وڪوڙي وئي، فائر فائٽنگ جا اوزار ناڪارا ٿي ويا هئا. انڪوائري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گل پلازا ۾ لڳل باهه 48 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي، باهه وسائڻ ۽ ڪولنگ سميت سرچنگ آپريشن 26هين جنوري تي صبح جو 11 لڳي 7 منٽن بعد مڪمل ڪيو ويو. انڪوائري رپورٽ مڪمل ٿيڻ تائين سانحي ۾79ماڻهو گم هجڻ جي تصديق ٿي، گل پلازا مان شروع ۾ 6 لاش مليا، 73 ماڻهن جا لاش / عضوا مليا، متاثرن جي وارثن جا 56 ڊي اين اي سيمپل ورتا ويا.

پهريون واٽر بائوزر 11 لڳي 53 منٽن تي پهتو، باهه وسائڻ لاءِ بنا وقفي جي پاڻي جي سپلاءِ آڌي رات کانپوءِ شروع ٿي، ميزنائن فلور تي ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ميٽل ڪٽر موجود ئي نه هئا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته درين ۽ ٻين هنڌن تي لوهي ڄاريون ڪَٽِڻ ۾ دير سبب امدادي ڪارروايون متاثر ٿيون، فائر فائٽرز وٽ مناسب اوزار ۽ حفاظتي گيئر به نه هئا.

About admin

Check Also

ايس ايڇ او بيڏوهي؛ ٺل جي ٿاڻي اندر ناري پوليس اهلڪارن اجتماعي زيادتي ڪئي: آءِ جي سنڌ جو اعتراف

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جا وڏا وڏا انڪشاف، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *