گل پلازا سانحو؛ باهه اڃا نه وسامي، وڏي جاني نقصان خدشو وڌي ويو

 الله ڪري ائين نه هجي جيئن دڪانن تي ڪم ڪندڙ بچي ويل پورهيت ٻڌائين ٿا!!!

ڪراچي( رپورٽ اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) گل پلازا سانحي سوين خاندان اجاڙي ڇڏيا، ڪاروبار تباهه، سانحي وقت 12سئو مان لڳ ڀڳ 9 سئو دڪان کليل هجڻ ۽ پلازا مان اڌ ماڻهو به مشڪل سان ڪري سگهڻ جو انڪشاف، گل پلازا ۾ لڳل باهه جي وسائي ڇڏڻ واريون دعوائون پاڻي تي ڦوٽا ثابت، وقفي وقفي سان باهه جا شعلا نڪرڻ لڳا. هن وقت تائين 20 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق. ڪراچي جي مرڪزي اولڊ سٽي ايريا ۾ قائم ملڪي  ۽ غيرملڪي سامان جي هول سيل مارڪيٽ گل شاپنگ پلازا مڪمل طور سڙي رکي ٿي ويو، عمارت جو وڏو حصو ڊهي ڪنڪريٽ جو ڍير بڻجي وئي آهي، باهه لڳڻ ۽ مسلسل جاري هجڻ کانپوءِ وقفي وقفي هن شاپنگ سينٽر جا مختلف حصا ڪِري رهيا آهن.

عمارت کي لڳل باهه ٽِن ڏينهن جي گذرڻ باوجود عمارت جي اندر لڳل باهه اڃا تائين اجهائجي ناهي سگهي، وقفي وقفي سان مختلف هنڌن تي باهه جا شعلا ڀڙڪي رهيا آهن. فائر برگيڊ عملو باهه وسائڻ ۾ مصروف آهي، ريسڪيو 1122 جا آفيسرز ۽ عملو، پاڪستان نيوي ۽ ڪي ايم سي جي فائربرگيڊ باهه وسائڻ ۾ مصروف آهي.

ريسڪيو 1122 جي انجنيئر سعد سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو ته باهه تي مڪمل طور ضابطو ناهي آيو، عمارت وڏي ايراضي تي آهي ۽ بدقسمتيءَ سان هن جا ٻن طرفن کان روڊ سائيڊ وارا حصا ڊَهي پيا آهن ۽ هڪ پاسي واري فرنٽ سائيڊ به زبون هجڻ سبب باهه وسائڻ ۾ تمام گهڻيون ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سڀاڻي اڱاري ڏينهن يا اربع جي رات دير تائين باهه تي مڪمل ضابطو اچڻ جي اميد آهي، ڪولنگ جو عمل ان کانپوءِ ئي شروع ڪري سگهنداسين. هن ٻڌايو ته متاثر دڪاندارن ۽ ۽ اندر ڦاٿل ماڻهن جا وارث تمام گهڻو دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته باهه تي اندر وڃي ضابطو آڻيون، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ناهي. فائر فائٽرز وٽ جيڪا فائر رززسٽنٽ ڊريس هوندي آهي، اها صرف هڪ حد تائين باهه جي تپش کي روڪيندي آهي پر ماڻهو سمجهن ٿا ته اها پائڻ سان فائرفائٽرز باهه ۾ اندر وڃي سگهن ٿا جيڪو معلومات جي کوٽ سبب آهي ۽ ماڻهن کي سمجهائڻ ڏاڍو ڏکيون پڻ، سندس چوڻ هو ته هن وقت جاني نقصان جو اندازو لڳائڻ ممڪن ناهي، جيڪا دڪاندارن پاران معلومات ملي آهي ان مطابق ته 50/60 ماڻهو اندر آهن. هتي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي  وارثن يا بچي ٻاهر نڪتل پورهيت جيڪو انگ ٻڌائن ٿا اسان اُهو نه ٿا ٻڌائي سگهون، ان بابت ضلعي انتظاميا يا گل پلازا جي ايسوسيئيشن وارا ئي ٻڌائي سگهن ٿا.

About admin

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *