گل پلازا سانحو؛ 23 ڄڻا فوت، 81 گم ۽ 22 زخمي ٿيڻ جي تصديق

الله ڪري ائين نه هجي، جيئن دڪانن تي ڪم ڪندڙ بچي ويل پورهيت ٻڌائين ٿا!!!، پلازا مان بچي نڪتل ٻڌائن ٿا ته هڪ دڪان تي سراسري طور 5 ماڻهو ڪم ڪندا هئا، خريدار ان کان الڳ آهن

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڪراچي شهر جي مصروف خريداري مرڪز گل پلازا سانحي ۾ 23 ڄڻا فوت، 22 گم 7۽ 81 ماڻهو گم هجڻ جي تصديق، امدادي سرگرميون جاري. گل پلازا ۾ جمعي ۽ ڇنڇر جي وچئين رات جو لڳل باهه جي نتيجي ۾ گل پلازا شاپنگ سينٽر مڪمل طور ڪنڪريٽ جو ڍير بڻجي ويو آهي، اڃا تائين باهه تي مڪمل ضابطو به ناهي آيو، انساني جانيون ضايع ٿيڻ سميت اربين رپين جي جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي ڏکڻ جي آفيس ۾ قائم ڪيل مددگار سينٽر ۾ گل پلازا جي دڪاندارن، دڪانن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن ۽ خريدارن جي وارثن پاران هيل تائين گم ٿيل پنهنجي پيارن جي رجسٽر ڪرايل انگن اکرن مطابق 23 فوت، 22 گم 7۽ 81 گم آهن، فوتين ۽ گم ٿيلن جا هي اهي انگ اکر آهن جيڪي ڊي سي آفيس ۾ رجسٽرڊ ٿيا آهن.

سومر ڏينهن گل پلازا سانحي جي رپورٽنگ دوران جڏهن متاثرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي رڪارڊنگ ڪرڻ چاهي ته انهن آن ڪئميرا اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اهڙن لڳ ڀڳ 12 ڄڻن جن 4 15 کان 16 سالن جي عمر وارا پورهيت نينگر به شامل آهن. انهن ماڻهن ان سوال ته، “ هڪ دڪان تي ڪم ڪندڙ ڪيترا ماڻهو هوندا هئا”، جي جواب ۾ اڪثر جو جواب هو ته، “ وڏن دڪانن تي ته مالڪ کانسواءِ 7/8 پورهيت ڪم ڪندا هئا، ڪجهه تي 3/4 پورهيت ڪم ڪندا هئا”. هڪ سوال “ باهه لڳڻ وقت شاپنگ سينٽر جي 12 سئو دڪانن مان ڪيترا بند ٿي چڪا هئا”، جي جواب ۾ رنڇوڙ لائين جي رهواسي هڪ 55 سالن جي پورهيت ٻڌايو ته، “

واقعي واري وقت تائين ڏيڍ کان 200 دڪان مشڪل سان بند ٿيا هوندا، جمعي جو ڏينهن هجڻ اڳئين ڏينهن ڇڇر موڪل جو هجڻ ڪري مارڪيٽ ۾ خريدارن جي رش هئي، مارڪيٽ ان ڏينهن تي هميشه لڳ ڀڳ 12 وڳي تائين کليل هوندو آهي ۽ عام ڏينهن جي ڀيٽ ۾ رش وڌيڪ هوندي آهي”، سنڌسماءَچار جي ان سوال ته، خريدارن جو انگ ڪيترو هوندو؟ خريدارن، پورهيتن ۽ دڪاندارن سميت ڪيترا ماڻهو نڪري سگهيا هوندا؟ جي جواب ۾ 55 سالن جي هن پورهيت صرف آسمان طرف ڏسي آلين اکين سان چيو ته “ جاني نقصان جيڪو ٻڌايو يا اندازو لڳايو پيو وڃي، ان کان تمام گهڻو آهي، اسان کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪجي، دڪاندارن ۽ پورهيتن کي سمورا رستا معلوم هئا، پر خريدارن کي ته خبر نه هئي، عمارت اندر تمام گهڻو ڀرجي ويو هو ۽ لائيٽ به هلي وئي هئي ۽ هر طرف گُگهه اونداهي هئي“

مارڪيٽ اندر ڪم ڪندڙ هڪ نوجوان پورهيت به ڪئيميرا تهي اچڻ کان انڪار ڪندي ٻڌايو ته “ هن سموري نقصان جي ذميوار حڪومت  نه پر مارڪيٽ ايسوسيئشن ۽ دڪاندار به آهن، مارڪيٽ جي گهٽين ۾ به سامان رکندا هئا، ڏاڪڻين ۾ روشني ۽ ايمرجنسي لائيٽس ۽ فائر ال_آرم جو ته شروع کان وجود ئي نه هو، 500 دڪانن جي مارڪيٽ ۾ 12 سئو دڪان ڪيئن ۽ ڪنهن ٺاهيا، ڪير ڪنهن کان پڇندو؟، مارڪيٽ جي اندر ڪينٽين / هوٽل به هو، جنهن ۾ ڪيترائي گئس سلينڊرز هر وقت موجود هوندا هئا، مارڪيٽ جي اڪثر دڪانن ۾ ايمرجنسي ۾ فائر فائٽنگ جو سامان 10 کان 20 سيڪڙو مشڪل سان هو”….. جاري

About admin

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *