گل پلازا سانحي ۾ 29 فوتين جي تصديق، 11 جي سڃاڻپ ٿي وئي

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) گل پلازا سانحي ۾ فوتين جو انگ 29 ٿي  ويو آهي، 11 لاشن جي سڃاڻپ ٿي وئي، تباهه ٿيل عمارت ۾ امدادي ڪارروايون جاري. ايم اي جناح روڊ تي گل پلازا ۾لڳل بباهه لڳڻ بعد ڪنڪريٽ جو ڍير بڻجي ويل عمارت جون ڍير هٽايو پيو وڃي. ريسڪيو 1122، ڊي سي ڪراچي ڏکڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته گل پلازا سانحي ۾ فوتين جو انگ 29 ٿي چڪو آهي، جن مان 11 لاشن جي سڃاڻپ وارو عمل به مڪمل ٿي ويو آهي. پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه سيد جو چوڻ آهي ته سموريون قانوني گهرجون مڪمل ڪري فوتين  جا لاش وارثن جي حوالي ڪيا پيا وڃن.

ريسڪيو 1122 موجب گل پلازا ۾ لڳل باهه تي ضابطي اچڻ بعد ڪولنگ جو عمل به مڪمل ڪيو ويو آهي، هاڻي ڪنڪريٽ جو ڍير هٽائڻ وارو عمل جاري آهي. عمارت ڪريل ڌير کي هٽائڻ ۽ سينسرز ذريعي لاشن جي ڳولا وارو عمل جاري آهي، پر عمارت جو بيٺل حصو به زبون ٿي ويو آهي انڪري تمام گهڻي احتياط سان امدادي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

About admin

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *