گل پلازا کانپوءِ رمپا پلازا لاءِ  خطري جي گهنٽي وڄي وئي

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) باهه لڳڻ بعد ڪِري پيل گل پلازا هڪ ٻي قديمي عمارت رمپا پلازا لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي، رمپا پلاز جي مستقبل جو فيصلو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرو اٿارٽي جا ماهر انجنيئرز ڪندا. ڪراچي جي مصروف ترين ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا شاپنگ سينٽر گذريل جمعي ۽ ڇنڇر واري  رات جو باهه لڳڻ کانپوءِ ڪنڪريٽ جو ڍير بڻجي ويو آهي. گل پلازا سانحي ۾ هيل تائين 29 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جڏهن ته 70 کان وڌيڪ ماڻهن جو اڃا تائين ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو.

گل پلازا جو گهڻو حصو ڪِرڻ کانپوءِ ان جو ڪهه بچيل حصو ان سان گڏ قديمي عمارت رمپا پلازا تي جهُڪي ويو آهي، جهن سبب پلازا متثر ٿيو آهي، ريسڪيو 1122 ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته گل پلازا جو هڪ حصو مڪمل طور رمپا پلازا تي جهُڪي ويو آهي، يا ائين چئجي ته اُهو حصو ڪِري پيو آهي جيڪو رمپا پلازا تي اٽڪيل آيل. جنهن جي نتيجي ۾ پلازا جا 2 پلر سخت متاثر ٿيا آهن، وڌيڪ جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ايس بي سي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته گل پلازا جي جهڪيل حصي کي جيڪ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن.

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته رمپا پلازا خالي ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ پلازا کي سِيل ڪيو ويندو، هنگامي طور تي آفيسز، گدامن ۽ دڪاندارن کي رمپا  پلازا خالي ڪرڻ جي  به هدايت ڪئي وئي آهي.

About admin

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *