گم ٿيل ٻارڙن جي هٿ اچڻ تائين پوليس کي سُک سان ويهڻ نه ڏبو: جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ٻارڙن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته، جيستائين گم ٿيل ٻارڙا هٿ نه ايندا ايستائين پوليس کي سک سان ويهڻ نه ڏينداسين، ٻارڙن کي هر حالت ۾ هٿ ڪيو وڃي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جي سربراهي ۾ بئنچ گم ٿيل ٻارن بابت درخواستن جي شنوائي دوران پوليس عدالت آڏو ٻارڙن جي گم ٿيڻ وارن واقعن بابت رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته، گم ٿي ويل 22 ٻارن مان 2 ٻارن کي هٿ ڪيو ويو آهي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته پوليس ٻين ٻارن کي بازياب ڪرائي ته کين شاباشي ڏينداسين. ايس ايس پي عرفان بهادر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڊي آءِ جي سي آءِ اي جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي آهي، 2014 کان هن وقت تائين 129 ٻارن کي بازياب ڪرايو ويو آهي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته گم ٿيل ٻارن کي بازياب ڪرائڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي. جسٽس نعمت الله رمارڪس ۾ چيو ته گم ٿيل ٻارن وارو معاملو خطرناڪ آهي، سندن والدين سخت پريشان آهن. عدالت ٻارن جي بازيابي بابت ٽن هفتن ۾ اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *