
گهوٽڪي جي ڪچي آپريشن ڏوهارين خلاف ۽ امن امان لاءِ نه پر سنڌڙي شگر ملز پرائيويٽ لميٽيڊ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه هزار ايڪڙ صرف ڪچي جي زمين کپي ٿي. ٽَڪ لڳي ويا آهن باقي ڪم به ڪجهه مهينن اندر ٿي ويندي، هارين کي مفت زمين ڏيڻ جي نالي تي لسٽون تيارين جي مرحلي ۾ آهن، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پنجاهه سيڪڙو معاملن کي سنڀالي رهيو آهي،گهوٽڪي جا ڪجهه سردار به محنت ڪري رهيا آهن. ممڪن آهي ته ڪو وڏو واقعو به ٿئي….سنڌسماءَچار جا ذريعا
تفصيلي اسٽوري تي ڪم هلندڙ آهي، جيڪا اوهان تائين پهچائڻ لاءِ اوهان کي به ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو.
سنڌسماءَچار